رات هڪ طوفان جي

رات هڪ طوفان جي

رات هڪ طوفان جي

رات هڪ طوفان جي (سنڌي فلم): هيءَ فلم ڀارت ۾ 1969ع ۾ ٺهي ۽ رليز ٿي، هيءَ فلم مشهور اديب موتي پرڪاش جي لکيل ناٽڪ ’رات هڪ طوفان جي‘ جي ڪهاڻيءَ تي آڌاريل آهي. هن فلم جو پروڊيوسر داموڪتاڻي آهي، هن فلم جا هدايتڪار موتي پنجواڻي ۽ ديپڪ آشا هئا. فلم جو اسڪرپٽ ۽ گيت پڻ موتي پرڪاش لکيا، جڏهن ته مشهور موسيقارن گوبند ۽ نريش فلم جي موسيقي ڏني.
هن فلم ۾ ناليوارن اداڪارن: نرملا ميرچنداڻي، امر چندناڻي، سچو آڏواڻي، روپ گيهاڻي، پرتاب منيار ۽ ايس. پي مينگھاڻيءَ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. ڄيٺا لعل، ڪرشنا ڪلي، سريندر ڪوهلي، ناري ٿڌاڻي، سروج نامچنداڻي، مايا ايسراڻي ۽ اشو جاگيردار هن فلم لاءِ گيت ڳايا. هن فلم جي گيتن جي ڪا به ڪئسٽ يا سي. ڊي رليز نه ٿي.


لفظ رات هڪ طوفان جيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو